ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ جي گروپ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 107 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. نيوزيلينڊ جي شهر مائونٽ منگانوئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 244 رنسون ٺاهيون ۽ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 245 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. ڀارت طرفان سمريتي منڌانا، سنيها رانا ۽ پوجا وسترڪر ففٽيون اسڪور ڪيون جڏهن ته پاڪستان طرفان نشرا سنڌو ۽ ندا ڊار ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. هارٽ پاران ڏنل هدف جي تعاقب ۾ پاڪستان وومين ٽيم جي ڪا به بيٽسمين بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي ۽ پوري ٽيم 137 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڀارت لاءِ راجيش گيڪودي شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ثانيه رانا ۽ جهلان گوسوامي 2-2 وڪيٽون ورتيون.










