نوابشاهه(ن سنڌيار) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بلاول کي ملتان وڃڻو آهي ته ڀلي وڃي، اهو سندس حق آهي. جاري ڪيل بيان هن وڌيڪ چيو ته مان اڄ سانگهڙ ويندس، ميرپورخاص ويندس، سنڌ ۾ رابطا مهم اسان جو حق آهي، سڀاڻي عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ويندس ۽ رات جو بدين ۾ جلسو ڪندس. هن چيو ته روڪي سگهو ٿا ته روڪيو. هن چيو ته گذريل ڏينهن چوڌري ڀائرن وزيراعظم جي حمايت جو اعلان ڪيو هو. اسان جا اتحادي اسان سان گڏ آهن، مخالف ڌر جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي آهي. سندن سازشون ناڪام ٿينديون، بلاول نابالغ آهي، پارٽي قيادت وراثت ۾ ملي اٿس پر سندس سياسي تربيت ۾ وقت لڳندو. اسين سندس ٻالڪپڻي مان مان فائدو وٺي رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ بلاول جي تڪ ۾ جلسو ڪيو، ماڻهن منهنجو شاندار استقبال ڪيو، گذريل رات نوابشاهه ۾ سندس والد جي حلقي ۾ جلسو ڪيو، نوابشاهه جي عوام ڀرپور آجيان ڪئي، جنهن تي سندن ٿورائتو آهيان. مخدوم شاهه محمود قريشيچيو ته محترمه فهميده مرزا ۽ ذوالفقار مرزا انتقامي ڪارروائين باوجود سخت مقابلو ڪري رهيا آهن. پي پي جو مارچ سرڪاري وسيلن تي آهي ۽ اسان وٽ عوام جي طاقت آهي، ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي آهي، خالد محمود صديقي ۽ سندس ساٿي معزز ماڻهو آهن. هنن هر مشڪل ۾ اسان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر ڏکيائي ۾ گڏ رهنداسين. اسان گڏجي ڪراچي جي تقدير بدلائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته سنڌين قرارداد ذريعي قائداعظم جي حمايت ڪئي جڏهن ڪو ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو. سنڌ ۽ سنڌين جي عظمت کي سلام پيش ڪريان ٿو. اردو ڳالهائيندڙ طبقي قربانيون ڏنيون، گهر ڇڏيا، هي اهي ماڻهو آهن جن تحريڪ پاڪستان کي ڪامياب ڪرايو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پيپلز پارٽي ساڻن جيڪو ڪيو اهو ڪنهن کان به لڪل ناهي. اهي ٽوڙڻ وارا آهن ۽ اسان جوڙڻ وارا آهيون.










