باڊھ (رپورٽ محمد قاسم ٻگهيو)ڳوٺ منڌرا ۾ سگھڙ ميان پير بخش مگريو اڪيڊمي پاران سگھڙ محمد پناھ پياسي جوڻيجو جي اوطاق تي سگھڙ ڪچھري ڪوٺائي وئي۔ جنھن ۾ سگھڙن ڏور، سينگار، بيت وايون ٻڌائي ڪچھري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔ جن ۾ سگھڙ محمد پناھ پياسي جوڻيجو۔ سگھڙ طفيل احمد مڱريو ۔راحب علي مڱريو ۔الطاف حسين زھراڻي ماڻڪ زھراڻي غلام شبير ملوڪ عباسي انور علي مڱريو مشقاق احمد مڱريو ۽ ٻين سگھڙن پاران سگھڙ ميان پير بخش مڱريو جي زندگي تي روشني وڌئي ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪئي. سگھڙن محفل ۾ شامل ماڻھون کي جھومائي ڇڏيو سگھڙ طفيل احمد مڱريو پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سڄي سنڌ جي ڳوٺن ۾ سگھڙ ڪچھريون منعقد ڪيون وينديون . ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي محمد ملوڪ عباسي چيو ته سنڌي ثقافت امن، انسانيت ۽ رواداري جو مظهر آهي، ڪنهن به قبيلي کان سواءِ اسان سڀ هڪ جهڙا آهيون. اسان جا پنهنجا ڀائر، سنڌي ماڻهو هن سگھڙ ثقافت کي ڀرپور نموني ملهائين.










