لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي حڪومت ۾ ايندي ئي صنعتن بابت پيڪيج جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها.لاهور ۾ صنعتي پيڪيج جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مان هميشه سمهڻ کان اڳ ميچ ڏسندو هوس، جيستائين پنهنجون غلطين جي نساندهي نه ڪندو هئس تيستائين ننڊ نه ايندي هئي. هن چيو ته جڏهن مان حڪومت ۾ آيس ته به سوچيندو آهيان ته جيڪو ڪجهه ڪرڻ گهرجي ها اهو سڀ کان وڏو ڪم ڪرڻ گهرجي ها، اڄ جيڪو پيڪيج ڏنو اٿم اهو حڪومت جي شروعات ۾ ئي صنعتن کي ڏنو وڃي ها ته نتيجا اچڻ شروع ٿي چڪا هجن ها. وزيراعظم چيو ته ڀاڄيون ۽ ڪڻڪ وڪڻڻ سان ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، صنعتن جي مدد سان ملڪ اڳتي وڌي ٿو. هن چيو ته 50 سال اڳ اسان جو ملڪ تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو هو، پر 1973ع جي جنگ کانپوءِ ملڪ جي ترقيءَ جو سمورو رستو تباهه ٿي ويو، اسان جي حڪومتن جو رخ ماضي ۾ ابتڙ رهيو، اسين سيڙپ ڪارن کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ملڪ تڏهن ئي اڳتي وڌندو آهي جڏهن ملڪ ۾ دولت پيدا ٿيندي آهي، اهڙيون حڪومتون به هيون جيڪي دولت پيدا ڪرڻ جي خلاف هيون، جڏهن حڪومتي پاليسيون منافعي جي خلاف هجن ۽ صنعتن کي منافعو نه ڏين ته پوءِ صنعت ۽ سيڙپڪاري ڪيئن اڳتي وڌندي. ياد رهي ته عمران خان جي لاهور جي دوري جو مقصد چوڌري برادران سان ملاقات ڪري حڪومت جي حمايت جاري رکڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ آهي. ان لاءِ هن وفاقي ڪابينا جو اجلاس ملتوي ڪري لاهور جو دورو ڪيو.










