يوڪرين لاءِ ايندر 24 ڪلاڪ اهم آهن، زيلنسڪي

يوڪرين لاءِ ايندر 24 ڪلاڪ اهم آهن، زيلنسڪي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)يوڪرين جي صدر زيلنسڪي چيو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪ اهم آهن. اهڙو اظهار هن برطانيه جي وزيراعظم بورس جانسن سان ڳالهه ٻولهه بعد ڪيو آهي. هن چيو ته آچر جو ڏينهن يوڪرين جي فوج لاءِ ”مشڪل وقت“ هو، جنرل اسٽاف جو چوڻ آهي ته، روسي فوجون ”تقريبن سڀني طرفن کان گولا باري ڪري رهيون آهن“. روسي ڪرنسي روبل سخت پابندين جي نتيجي ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ تمام گهٽ سطح تي اچي ويو آهي. گڏيل قومن جوسومر تي هڪ هنگامي خاص اجلاس منعقد ڪيو پيو وڃي، جهن ۾ سڀني 193 ميمبر شامل آهن. يورپي يونين روس جي حملي کانپوءِ يوڪرين کي هٿيار موڪلڻ جو بي مثال قدم کڻي رهي آهي. يورپي يونين روسي جهازن لاءِ پنهنجي فضائي حد بند ڪري رهيو آهي ۽ روسي رياستي ميڊيا جي ادارن تي پابندي لڳائي رهيو آهي. ميمبر رياستون يوڪرين جي پناهگيرن کي به پاهه ڏينديون ۽ عام پناهگيرن جي درخواست واري عمل کي نظرانداز ڪندي کين اسپيشل ٽريٽمينٽ ڏينديون. يوڪرين جي دعويٰ آهي ته سڄي حملي ۾ 4,500 روسي فوجي مارجي ويا آهن پر ان جي تصديق آزاد ذريعن کان ممڪن ناهي

پهنجو تبصرو موڪليو