ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنھوار ) منگھو پير خيرآباد جي ھڪ گھر مان انساني ڍانچو مليو آهي. انساني ڊانچو مبينا طور تي سال 2013 جي دوران قتل ٿيڻ واري نوجوان جو آهي. پوليس جي اعلي عملدارن ميڊيا کي بريف ڪندي چيو ته نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد لاش دفنائڻ جو انڪشاف مسنگ پرسن ڪيس جي جاچ دوران سامهون آيو آهي. سال 2017 ۾ گمشدا نور الزمان نالي ھمراھ جو اغوا ڪيس زمان ٿاڻي تي داخل ٿيو هو. تحقيقات ۾ مسنگ پرسن نور زمان جي گھر واري کان معلومات ملي ۽ پوليس اتي پھتي. پوليس جو چوڻ آهي ته هو ان بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهن. لاش جو ڍانچو وڌيڪ معائني لاءِ اسپتال روانو ڪيو ويو آهي.










