ماڪڙغير فصلي علائقن ۾ آهي، وفاق مدد نٿو ڪري،جلد ڪنٽرول آڻبو،وڏو وزير

ماڪڙغير فصلي علائقن ۾ آهي، وفاق مدد نٿو ڪري،جلد ڪنٽرول آڻبو،وڏو وزير

خيرپور/ نارو/ نوابشاهه (مجاهد سولنگ، محمد نواز ناريجو ۽ راجڪمار اوڏ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي جي ٽن ضلعن خيرپور، شهيد بينظيرآباد ۽ مٽياري جي غيرزرعي علائقن تي حملو ڪيو آهي، جنهن کي فصلن وارن علائقن ڏانهن وڌڻ کان اڳ ئي ختم ڪيو ويندو اُن لاءِ سنڌ حڪومت مالي بحران باوجود سڀ وسيلا ڪتب آڻيندي. هن اهڙو اظهار خيرپور جي ناري تعلقي ۾ ماڪڙ سٽيل علائقي سرائي واحدبخش ويجهو مختلف ڀٽن جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ناري تعلقي جي ريگستاني علائقن ۾ ماڪڙ حملو ڪيو آهي جنهن تي گهڻي ڀاڱي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، وفاقي اداري پلانٽ پروٽيڪشن يونٽ ۽ سنڌ زراعت کاتو توڙي ضلعي انتظاميه پاران ناري تعلقي ۾ ماڪڙ تي ڪنٽرول لاءِ اسپري وارو مرحلو جاري آهي.

وڏو وزير نارو تعلقي ۾ ماڪڙ سٽيل علائقن جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي

سيد مراد علي شاه ميڊيا جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته شهيدذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ڊزاسٽر کي سامهون رکندي اسپري لاءِ 17 جهاز خريد ڪيا ويا هئا ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ گڏيل عرب اماراتن، قطر ۽ ٻين ملڪن جي به اهڙن حملن جي صورت ۾ مدد ڪئي ويندي هئي، پر بدقسمتيءَ سان وفاق پاران گذريل 30 سالن ۾ ان طرف ڌيان نه ڏنو ويو ۽ هن وقت رُڳو 6 جهاز وڃي بچيا آهن اُنهن مان به هڪ جهاز آپريشنل آهي جيڪو خيرپور اماڻيو ويو پر ڪجهه ڏينهن اسپري بعد خراب ٿي پيو، اهو هاڻ ٺيڪ ٿي ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ ٻيو جهاز به اچي ويندو، ان سان گڏوگڏ سنڌ جو زراعت کاتو پنهنجي وسيلن آهر ماڪڙ تي ڪنٽرول لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ماڪڙ 2-4 سالن کان ايران ۾ هئي جنهن بعد فيبروري 2019ع ۾ بلوچستان ۾ حملو ڪيو جتان هاڻ جون ۾ سنڌ جي خيرپور، شهيد بينظيرآباد ۽ مٽياريءَ ۾ ماڪڙ پهتي آهي ۽ هن وقت تائين ماڪڙ کي غير فصلي علائقن تائين محدود ڪيو ويو آهي، ماهر ٻڌائن ٿا ته نومبر تائين مسئلو ٿي سگهي ٿو ڪوشش آهي ته ان کي فصل وارن علائقن ۾ وڃڻ کان روڪيو وڃي ۽ برسات کانپوءِ ماڪڙ جي افزائش ٿي سگهي اُن ڪري بريڊنگ کان اڳ ان کي ختم ڪيو ويندو. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته هُن وفاق جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پلانٽ پروٽيڪشن يونٽ کي بريفنگ دوران واضح ڪيو آهي ته وفاق جي ماهراڻه ۽ فني مدد جي ضرورت آهي بجيٽ جي پرواهه نه ڪئي وڃي هاڻي ڪجهه پئسا خرچ ڪرڻ سان هڪ وڏي تباهي  کان بچي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪمشنر سکر ۽ زراعت کاتي کي ماڪڙ تي ڪنٽرول لاءِ گهرجون ٻڌائڻ لاءِ چيو آهي، اسپري لاءِ زرعي دوائون خريدڻ ۽ گاڏين سميت ٻي مشينري ڪرائي تي حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تر جي ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ کي چيو آهي ته هو مقامي آبادگارن ۽ زميندارن کان به ڦوهارا مشينون ۽ ٻيو سامان وٺڻ جي سلسلي ۾ مدد حاصل ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ماڪڙ جي حوالي سان ايمرجنسي جي صورتحال ضرور آهي ۽ چيف سيڪريٽري ڪمشنرن سان گڏجاڻي ڪري کين خبردار ڪيو آهي ۽ روزانو ماڪڙ جي حوالي سان هر ڪمشنر جي رپورٽ ايندي آهي.

وڏو وزير چوي ٿو ته نارو جي غير فصلي علائقن ۾ ماڪڙ محدود آهي، هڪ ڏينهن اڳ سنڌيار ۾ نارو جي فصلي علائقن ۾ ماڪڙ موجود هئڻ جي خبر ثبوت سان گڏ شايع ٿي

وزيراعليٰ سنڌ مهانگائي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته مهانگائي بابت سڄي ملڪ جي ماڻهن ۾ تمام گهڻي بيچيني آهي، ماڻهو چون پيا ته سنڌ حڪومت به ٽيڪس وڌايا آهن پر اسانجو سڄي بجيٽ کولي ڏسو، 99 سيڪڙو ٽيڪس امير ماڻهن تي لڳندا، پهرئين جولاءِ 2018ع تي ڊالر جي قيمت 121 هئي ۽ سال بعد جولاءِ اچڻ کان اڳ ئي 164 رپيا في ڊالر ٿي ويو آهي، ان سان مهانگائي هر طرف وڌي ويندي آهي، وفاقي حڪومت کي درخواست آهي ته اها پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري. هن چيو ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته نارو تعلقو 12 هزار اسڪوائرس ڪلوميٽر تي ٻڌل آهي، پر ماڪڙ جو حملو 30 پوائنٽس يعني 35 اسڪوائر ڪلوميٽرس تي ٿيو آهي 30 مان 17 پوائنٽس تي ڪنٽرول ٿي ويو آهي باقي 13 پوائنٽس تي ڪم هلي رهيو آهي. وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه چيو ته ناري جي گئس پراڊڪشن ۽ رائلٽي بونس مان 10 ڪروڙ رپيا چونڊڪو-ڪوٽ بنگلو روڊ لاءِ رکيا ويندا. اِن کان اڳ ساوڻ گئس فيلڊ ايئراسٽرپ تي ڪمشنر سکر ڊويزن رفيق احمد ٻرڙو، ڊي سي خيرپور محمد نعيم سنڌو، ڊپٽي ڊائريڪٽر پلانٽ پروٽيڪشن يونٽ طارق حسين، ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ايڪسٽينشن رسول بخش جوڻيجو، مشتاق سومرو ۽ ٻين وزيراعليٰ سنڌ کي ماڪڙ جي حملي ۽ ان تي ڪنٽرول لاءِ ورتل قدمن بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته وزيراعليٰ سنڌ سرائي واحد بخش ويجهو ٽڪر علائقي ۾ ماڪڙ سٽيل علائقي جو دورو ڪيو ۽ ماڪڙ مارڻ لاءِ ٿيندڙ اسپري جي ڪم جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ اسماعيل راهو، ايم پي اي ساجد حسين ٻانڀڻ، پير ابل شاهه، اي آءِ جي سکر ڊاڪٽر جميل احمد، ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا، ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان کان اڳ وڏي وزير نوابشاهه ۾ ماڪڙ سٽيل علائقي جو دورو ڪيو.

کڏهر ۾ فصلن تي ماڪڙ جي حملي بعد به وڏي وزير چيو ته ماڪڙ غير فصلي علائقن ۾ محدود آهي

سيد مراد علي شاهه کڏهر ڀرسان  فصلن تي ٿيل ماڪڙن جي حملي جي جائزي وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي اها سوچ ته ٿي سگهي ٿي ته سنڌ حڪومت کي ختم ڪيو وڃي پر سندس وس ۾ ائين ناهي ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت عوام جي ميئنڊيٽ سان آئي آهي ۽ هو پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، هن چيو ته آصف علي زرداري جيڪڏهن سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ جوبيان ڏنو آهي ته پوءِ مان ايترو چوندس ته آصف علي زرداري جيڪو چوندو آهي اهو ڪري ڏيکاريندو آهي، هن چيو ته مان سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني افغانين جي رهڻ يا نه رهڻ جي حوالي سان ڪوبه بيان نه ڏنو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت مضبوط آهي وفاقي حڪومت پنهنجو خير گهري، هن چيو ته سنڌ حڪومت کي اين ايف سي ايوارڊ ذريعي مقرر ٿيل رقم کان گهٽ رقم ڏني وئي آهي، هن چيو ته منهنجي گرفتاري جو ڪوبه امڪان ناهي ۽ منهنجي گرفتاري جون خبرون افواهه آهن، هن چيو ته مخالف ڌر جي اي پي سي ۾ مون شرڪت نه ڪئي هُئي، هن چيو ته اسان سنڌ ۾ ماڪڙ تي90 سيڪڙو ڪنٽرول ڪري ورتو آهي باقي خيرپور ضلعي جي ڪجھ علائقن ۾ ماڪڙ فصلن کي ضرور نقصان رسايو آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت اسان جي ڪابه مدد نٿي ڪري، جڏهن ته وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه نوابشاهه پريس ڪلب کي گرانٽ ڏيڻ جو پڻ واعدو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو