صنعان قريشي جي گهرن تي ڇاپا، جسقم پاران احتجاج

صنعان قريشي جي گهرن تي ڇاپا، جسقم پاران احتجاج

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي جي گھرن تي مسلسل چڙھائين خلاف جسقم ٽنڊو محمد خان جي ضلعي صدر ظھور ھاليپوٽو ؛ جاويد ھاليپوٽو ؛ ذوھيب جمالي ؛ فرحان ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميونسپل آفيس سامھون علامتي  بک ھڙتال ڪيمپ قائم ڪري ورتي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته رياستي ادارا ھٿ وٺي اسانجي پارٽي چئيرمين صنعان خان قريشي کي تنگ ڪري رھيا آھن جيڪو عمل غير قانوني آھي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسين پر امن سياسي ڪارڪن آھيون اسانجو ڪنھن به غلط ۽ غير قانوني عمل سان ڪوبه واسطو ڪونھي ان باوجود اسان تي ۽ اسانجي اڳواڻن تي چڙھايون ڪري اسان کي مشتعل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا اسين چيف جسٽس سنڌ ؛ آء جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته رتيديري پوليس پاران چئيرمين صنعان خان قريشي جي گھر تي چڙھائي ڪري زوري کنڀي گم ڪيل 8 ڄڻن کي ھڪدم آزاد ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو