محسن بيگ جي گرفتاري بابت آءِ جي کان رپورٽ طلب

محسن بيگ جي گرفتاري بابت آءِ جي کان رپورٽ طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پاران آءِ جي اسلام آباد کان محسن بيگ تي تشدد واري معاملي جي رپورٽ طلب ڪئي وئي آھي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته درخواستگذار جي وڪيل سنجيده سوال اُٿاريا آهن، آءِ جي يقيني بڻائي ته محسن بيگ سان قانون پٽاندڙ رويو رکيو پيو وڃي. وڪيل لطيف کوسه چيو ته هي بنانا ريپبلڪ ناهي جو ججز کي ڌمڪيون ڏنيون وڃن،افسوس جو وزيراعظم به معاملي ۾شامل ٿي ويو،حڪومت طرفان ماتحت جج خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، عدالت وڪيلن کي محسن بيگ سان ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي. عدالتمحسن بيگ کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو