ڪوهستان ۾ زمينن تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو ڌرڻو

ڪوهستان ۾ زمينن تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو ڌرڻو

ٺٽو( ڊ ر )ڪوھستان جي زمينن کي تين وال ڪرڻ، ونڊ مل پراجيڪٽ جي آڙ ۾ مقامي ماڻھن کي لڏائڻ توڙي مقامي بااثر وڏيرن طرفان ڀاولاڻي جوکين تي جبر ۽ ڏاڍ خلاف قومي عوامي تحرڪ ۽ متاثر جوکيو برادري سان گڏ ٺٽو ۾ احتجاج، 3 ڪلارڪن تائين ڌرڻو، سرداري، ڀوتارڪي ڏاڍ سميت پوليس گردي خلاف نعريبازي، پريس ڪلب ٺٽو اڳيان قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر وڪيل منور ڀٽو، ياسر جاکرو، شبير ڀٽي ۽ ڀاولاڻي جوکيا جي معزز جمن جوکيو جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن  نيشل ھائي وي روڊ تي ڌرڻو ھڻي ڀوتارڪي سرداري  نظام خلاف سخت نعريبازي ڪئي احتجاجي ڌرڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر سيد جلال شاھ، لاڙ عوامي فورم جي حيدر شورو، پورھيت مزاحمت جي جبار ڀنڀرو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي آصف جوکيو، سنڌي نوجوان تحريڪ جي شڪيل خاصخيلي ۽ ٻين يڪجھتي طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ ڪوھستان جي زمينن کي ڦٻائڻ لا۽ صدين کان رھندڙ مقامي ماڻھن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي مقامي بااثر ماڻھون ونڊ مل ڪمپنين وارن سان ملي ڪري ابن ڏاڏن کان ويٺل ڀاولاڻي جوکين کي بي دخل ڪرڻ لا۽ سندن مٿان ڪوڙيون ايف آئي آر داخل ڪرڻ سان گڏ ھاڻ پرتشدد ڪارروائي تي لھي آيا آھن. ھنن چيو تہ مڪلي پوليس بااثرن جي ونگار وھندي 3 ڏينھن اڳ ٽن پورھيتن سڪندر جوکيو، عيدن جوکيو ۽ رحيمداد جوکيو تي چوري جي ايف اي آر داخل ڪري لاڪپ ڪيو ٻئي ڏينھن بااثر جي واٺن نوجوان سجاد جوکئي کي کنڀي شديد زخمي ڪري ڇڏي فرار ٿي ويا پر پوليس نہ ڪيس ٿي وٺي نہ وري زخمي جي علاج واسطي سرٽيفيڪٽ ٿي جاري ڪري ھوڏانھن ايس ايڇ او ٺٽو فرحان شيخ، 15 انچارچ نديم رضوي مظاھرين کي انصاف جو يقين ڏياري احتجاج اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪرايو،   

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو