اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي هڪ پاسي وزيراعظم عمران خان جي فيصلي سان اختلاف ڪندي سندس فيصلي تي عدم اعتماد طاهر ڪيو آهي ته بئي پاسي بلاول ڀٽو کي نا سمجهه ۽ ٻار قرار ڏنو آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان بهتر پرفارمنس تي 10 0زارتن کي اعزازي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا هئا. پرڏيهي کاتي کي يارنهون نمبر مليو هو ۽ سند نه ملي هئي. شاهه مهمود قريشي وزيراعظم جي ريٽنگ تي اعتراض ڪندي احتجاج خط لکيو آهي ۽ دعويٰ ڪئي آهي ته سندس وزارت بهتر ڪم ڪيو آهي. ٻئي پاسي هن بلاول ڀٽو جيڪو ڏکن پنجاب جي دوري تي آهي، تنقيد ڪئي آهي. قريشي جو چوڻ آهي ته بلاول نا سمجهه آهي ۽ سندس استاد (يوسف رصا گيلاني) نا لائق آهي. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبو نعرن سان نه ٺهندو مون بلاول ۽ شهباز شريف کي خط لکيو آهي ته اچو گڏجي صوبو ٺاهيون.










