ملتان (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئون ۽ آصف زرداري هتي موجود آهيون، عمران خان پڪڙي سگهي ٿو ته پڪڙي، نالائق حڪومت جو بندوبست ڪرڻ تائين سڪون سان نه ويهنداسين. ملتان ۾ گيلاني هائوس تي ورڪرز کي خطاب ڪندي هن چيو ته شهيد ذوالفقار ۽ بينظير ڀٽو تي ڪوڙا الزام هڻندڙ پاڻ سزا يافتا بڻجي چڪا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان عمران خان جي الزامن مان به بري ٿينداسين، اسان ملڪ جي قسمت تبديل ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون، جي ٽي روڊ کان اسلام آباد ۾ داخل ٿي نااهل وزيراعظم کان حساب وٺنداسين.
هن چيو ته پيپلزپارٽي چونڊيل ۽ نااهل حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي، اسان کي گڏجي اها جنگ وڙهڻي آهي، هن ڪٺ پتلي نظام کي ختم ڪرڻو آهي، پيپلز پارٽي پيٽرول ۽ گيس جي بحران خلاف احتجاج ڪيو، يوريا بحران خلاف پيپلزپارٽي ٽريڪٽر مارچ ڪيو. بلاول چيو ته ملڪ ۾ زرعي بحران پيدا ٿي ويو آهي، حڪومت هارين جو معاشي قتل ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي عوام جي پارٽي آهي، عوام سان گڏ بيٺل آهيون، اڄ مهانگائي عروج تي آهي ته سڀاڻي تائين ڪيئن ويهي انتظار ڪنداسين. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته حڪومت تبديلي جي نالي تي تباهي مچائي رهي آهي، عمران خان اسان کي ۽ اسان جي مخالفن کي چور چوندو هو پر سڀ کان وڏا چور هو پان آهن. ان موقعي تي مخدوم احمد محمود، يوسف رضا گيلاني، مخدوم شهاب الدين ۽ ٻين به خطاب ڪيو.










