غوثپور(عبدالنبي ملڪ) شڪارپور ۽ ناپر ڪوٽ سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري شھر جي موچي پاڙي ۾ محمد حسن ميراڻي ۽ حاجي مصري سومرو جي گھرن تي چڙھائي ڪري گھر ڀاتين مٿان تشدد ۽ ڀڃ ڊاھ ڪري ٻن عورتن سميت پنجن ڄڻن کي کنڀي کڻي ويئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان مڇي جي تلاءَ تي ستل ٽن ڄڻن کي اغوا ڪرڻ واري ڪيس ۾ هي جاچ لاءِ گهربل آهن. گهربل ماڻهون پيش نٿا ڪيا وڃن ۽ نه ئي مغوي بازياب ٿيا آهن. پوليس ڪاروائي بعد ڀرپاسي جي ماڻھن ۾ سخت حراس ۽ خوف پکڙجي ويو پوليس جي وڃڻ بعد آسپاس جي گھرن مان سوين ماڻھو روڊ تي نڪري آيا ۽ پوليس جي مبينه ڏاڍاين خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي متاثرن حاجي مصري۔ لياقت ملڪ۽ نورمحمد ميڊيا کي ٻڌايو ته ناپر ڪوٽ پوليس چادر ۽ چار ديواري جي تقدس کي پائمال ڪري گھر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻائي اسان جي عورتن ۽ نوجوانن کي بنا جواز کنڀي کڻي ويئي آھي۔ اسان سندن خلاف ھا۽ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪنداسين۔ ھنن ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻي ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته بنا ڪنهن دير جي اسانجي احتجاج جو نوٽس وٺي خانپور پوليس خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسانجا ماڻهو ۽ عورتن کي آزاد ڪيو وڄي.










