جوهي(ن سنڌيار) ڳوٺ غلام حسين گاڏھي واسڻ شاده شاده عورت ٻن ٻارن جي ماء 27 سالا رضيا زال علي گوهر گاڏھي مبينا طور خودڪشي ڪري زندگي جي انت آڻي ڇڏيو. وارثن پاران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته غربت جي ڪري رات دير سان رضيه خودڪشي ڪري ڇڏي آھي هنن چيو ته صبح ننڊ مان اٿياسين ته ڦاهو کاڌل ڪمري اندر ٽنگيل لاش مليو ٻي طرف جوهي پوليس لاش کڻي پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال جوهي آندو ويو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب جسم ۾ ڳلي تي نشان مليا ٻي پاسي جسم تي تشدد وغيره جا ثبوت نه ملي سگهيا وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد موت جو ڪارڻ ٻڌائي سگهجي ٿو. ڳوٺ ۾ چوٻول آھن ته ساهورجن پاران گهرو مسئلن جي ڪري گذريل ڇھ مهينن کان ناري کي ذهني ٽارچر ڪيو پئي ويو جنهن سبب ناري اڄ خودڪشي ڪئي.










