اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مسجدِ نبوي صه مان اٿندڙ انقلاب سڄي دنيا کي بدلائي ڇڏيو هو. اهڙو اظهار هن ايوان صدر اسلام آباد ۾ ڪوٺايل قومي رحمت العالمين صه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته قوم جي تربيت ۽ اصلاح ۾ مسجد جو وڏو ڪردار آهي. گذريل ڏينهن ايوانِ صدر اسلام آباد ۾ قومي رحمت العالمين صلعم ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ مذهبي معاملن وارو وزير، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين ۽ ٻين به ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي.










