35 حڪمرانن سميت 336 سياستدانن جا پرڏيهي اثاثا پڌرا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، وفاقي وزير مونس الاهي، سينيٽر فيصل واوڊا، پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ، علي جهانگير صديقي ۽ نواز ليگ سينيٽر اسحاق ڊار جي پٽ علي ڊار سميت 700 پاڪستاني جون آف شور ڪمپنيون ظاهر، رٽائرڊ فوجي آفيسرن جا نالا به ميگا اسڪينڊل پينڊورا پيپرز ۾ شامل آهن. سچن ٽنڊولڪر ۽ انيل امباني سميت 300 کان مٿي هندوستان جون اهم شخصيتن جا نالا به لسٽ ۾ آهن.  دنيا جي 90 ملڪن جي 336 سياستدانن جا نالا به هن وڏي تحقيقاتي رپورٽ ۾ شامل آهن. جن مان 35 سياستدان اهڙا جيڪي موجوده يا اڳوڻا ملڪن ۽ حڪومتن جا سربراهه آهن. دنيا جي سڀ کان وڏي مالياتي اسيڪنڊل پينڊورا پيپرز ٿرٿلو مچائي ڇڏيو،  پاناما اسڪينڊل کانپوءِ دنيا جي سڀ کان وڏي پينڊورا پيپرز جي نالي سان سامهون آيل اسڪينڊل ۾ بينڪارن، ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪجهه ميڊيا مالڪن جا نالا به سامهون آيا آهن، انٽرنيشنل ڪنسورشيئم آف انويسٽيگيٽو جرنلسٽس (آءِ سي آءِ جي) موجب هڪ ڪروڙ 19 لک فائلن تي ٻڌل پينڊورا پيپرز ڪنسورشيم هيل تائين جو سڀ کان وڏو معاشي راز آهي، جيڪو پاناما پيپرز سان به جڙيل آهي، جنهن سڄي دنيا ۾ خطري جون گهنٽيون وڄائي ڇڏيون آهن. پينڊورا پيپرز جاچ ۾ ناڻي وزير شوڪت ترين جون 4 ڪمپنيون آهن، مونين انڪارپوريٽٽڊ برٽش ورجن آئلينڊ، ٽريپرنا، سي فيڪس، هامرا انڪارپوريٽڊ ڪمپنيون شامل آهن، هڪ ڪمپني شوڪت ترين جي پنهنجي نالي ۽ هڪ ڪمپني پنهنجي ڀاءُ جي نالي تي آهي، هڪ گهرواري ۽ هڪ ڀاڄائي جي نالي تي ڪمپني آهي، وفاقي وزير مونس الاهي جي نالي تي 2 ڪمپنيون گرين هلز ٽرسٽ ۽ ونٿروپ فنڊ آهن، سينيٽر فيصل واوڊا جي نالي تي هڪ ڪمپني ڊيزلنگ ورلڊ وائڊ لميٽڊ برٽس ورجن آئلينڊ ظاهر ٿي آهي، عالمي جاچ رپورٽ ۾ پنجاب جي صوبائي وزير عليم خان جي نالي هڪ ڪمپني ظاهر ٿي آهي.

Photo Sindhyar

اڳوڻي ناڻي وزير ۽ نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار جي پٽ علي ڊار جي نالي تي 2 ڪمپنيون براق هولڊنگز لميٽيڊ، ڊار النهيار لميٽڊ برٽش ورجن آئلينڊ، پ پ اڳواڻ ۽اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي نالي تي 3 آف شور ڪمپنيون ظاهر ٿيون آهن، وفاقي وزير خسرو بختيار جي ڀاءُ مخدوم عمر شهريار جي نالي تي به ڪمپنيون ظاهر ٿيون آهن، اڳوڻي بيوروڪريٽ ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار وقار مسعود جي پٽ عبدالله مسعود جي نالي تي هڪ ڪمپني آهي، وقار مسعود خان آءِ سي آءِ کي ٻڌايو ته مونکي خبر ناهي ته منهنجي پٽ جي ڪمپني ڇا ڪندي آهي؟ منهنجو پٽ منهنجي ڪفالت هيٺ نه آهي، جڏهن ته سي اي او ابراج گروپ عارف نقوي، نيشنل بينڪ جي صدر عارف عثماني ۽ ايگزيڪٽ ڪمپني جي مالڪ شعيب شيخ جي نالي به آف شور ڪمپني نڪري آئي آهي، پينڊورا پيپرز جي فهرست ۾ ڪجهه رٽائرڊ فوجي آفيسرن، ڪجهه بينڪارن، ڪجهه ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪجهه ميڊيا مالڪن جا نالا به شامل آهن.  آءِ سي آءِ جي اعتراف ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي نالي ڪنهن آف شور ڪمپني  جو ثبوت نه مليو، نئين پاڪستان جو واعدو ڪندڙ وزيراعظم جي آس پاس موجود ماڻهن ڪيترائي ملين ڊالرز ڳجهي طور آف شور ڪمپنين ۾ منتقل ڪيا. واضح رهي ته جيڪڏهن قانون مطابق آف شور ڪمپني ڊڪليئر ڪئي وئي هجي ۽ اها ڪمپني ڪنهن غيرقانوني ڪم لاءِ استعمال نه ڪئي وئي هجي ته آف شور ڪمپني ٺاهڻ ڪو غيرقانوني عمل نه آهي. پاڪستان جي ڪيترن ئي اڳوڻن فوجي آفيسرن ۽ خاندان جون آف شور ڪمپنيون ظاهر ٿيون آهن، پينڊورا پيپر ۾ڪيترن ئي اڳوڻن فوجي آفيسرن جا آفيسرن جا نالا به شامل آهن، پرويز مشرف جو اڳوڻو ملٽري سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ شفاعت/ الله شاهه جي آف شور ڪمپني ظاهر ٿي آهي، هن آف شور ڪمپني ذريعي لنڊن ۾ مهانگو اپارٽمينٽ خريد ڪيو آهي، دهشتگردي جي خاتمي بابت آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊي جي ميجر جنرل رٽائرڊ نصرت نعيم پنهنجي رٽائرمينٽ کان فوري بعد 2009ع ۾ پنهنجي نالي آف شور ڪمپني رجسٽرڊ ڪرائي، صحافي عمر چيمه موجب ميجر جنرل رٽائرڊ نصرت نعيم جو چوڻ آهي ته اها ڪمپني هڪ دوست ٺاهي هئي جيڪا بعد ۾ ختم ڪرائي ڇڏي ان ذريعي بزنس نه ڪيو ويو، ليفٽيننٽ جنرل افضل مظفر جي پٽ جي نالي تي به هڪ آف شور ڪمپني ظاهر ٿي آهي، ليفٽيننٽ جنرل جڏهن اين ايل سي جو ڊائريڪٽر جنرل هو ته هن تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 4 ارب 30 ڪروڙ رپين جي سيڙپڪاري جي الزام ۾ ڪيس به هليو هو، اين ايل سي اسيڪنڊل ۾ سندس نالو آيو هو، جنهن ۾ ڪجهه فوجي آفيسرن کي سزائون ڏنيون ويون هيون.

Photo Sindhyar

جنرل رٽائرڊ افضل جي پٽ حسن مظفر جي نالي تي گريڪ گروٿ ڪيپيٽل هولڊنگ ڪمپني سامهون آئي آهي.  اي اي ۾ ميڊيڪل سينٽر لاءِ اها ڪمپني ٺاهي وئي جنهن بابت ڄاڻايو ويو ته ڪجهه پارٽنرز گڏجي اها ڪمپني ٺاهي، ميڊيڪل سينٽر ٺاهڻ لاءِ اها ڪمپني ٺاهي هئي. جيڪا ڪجهه وقت هلي، جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ علي قلي خان جي ڀيڻ آف شور ڪمپني ذريعي برطانيا ۾ ملڪيت خريد ڪئي، ايوب خان جي دور جي ليفٽيننٽ جنرل جنرل رٽائرڊ حبيب الله خان جي ڌيءُ شهناز سجاد احمد جو نالو به سامهون آهي، هنن جون ٻه ڪمپنيون ڄاڻايون ويون آهن لنڊن ۾ ملڪيت خريد ڪئي، علي قلي به ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ حبيب الله جو پٽ آهي. اڳوڻي ايئر چيف مارشل عباس خٽڪ جي ٻن پٽن عمر خٽڪ ۽ احد خٽڪ  جا نالن تي به آف شور ڪمپنيون ظاهر ٿيون آهن، پنجاب جي اڳوڻي گورنر جنرل رٽائرڊ خالد مقبول صديقي جي ناٺي احسن لطيف جي نالي تي هڪ ڪمپني ظاهر ٿي آهي صحافي عمر چيما موجب ريئل اسٽيٽ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪمپني ٺاهي وئي، پر بعد ۾ ان ذريعي روس کان ايل پي جي امپورٽ ڪئي وئي،جنرل رٽائرڊ  تنوير طاهر جي گهرواري زهرا تنوير جي هڪ ڪمپني ظاهر ٿي آهي هڪ ڪمپني ۾ شيئر هولڊرز آهي، دبئي ۾ ان جو ڪم آهي، هن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪمپني ڊڪليئر ٿيل آهي. ياد رهي ته پينڊورا پيپرز ۾  سيليبرٽيز، ڊرگ مافيا، رائل فيمليز، حڪومت جي مختلف ادارن ۾ اهم عهدن تي رهندڙ ماڻهو به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو