اسڪولي نياڻين جا ويڊيو ٺاهيندڙ گرفتار ڪريو، ڌرڻو ۽ احتجاج

بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ)ملڪاڻي شريف ۾ ڇوڪرين جي اسڪول جي سامهون  دڪانن تي ويهي اسڪول ايندڙ ويندڙ نياڻين جون لڪ چوري ۾ وڊيو ڀرڻ کان منع ڪرڻ تان دڪاندارن ۽نياڻين جي والدين وچ ۾ ٿيندڙ جهيڙو ٻن برادرين انڙ ۽ لغاري برادري جي ڌرين وچ ۾ تڪرار واري صورتحال اختيار ڪري ويو آھي ٽي ڏينهن اڳ ٻنهي برادري جي ماڻھن وچ ۾ جهيڙي ۾ هڪ  لغاري برادري (نياڻين جا والدين) جا ڏھ کان مٿي ماڻھون زخمي ٿيا جن مان هڪ امير خان لغاري جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي جنهنجي پنگريو ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ٿيڻ جي باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري جنهن تي لغاري برادري سميت ملڪاڻي جي شھرين طرفان احتجاجن اربع جي ڏينهن  پنگريو پوليس خلاف  ملڪاڻي شريف ۾ شٽربند هڙتال ڪري پنگريو جهڏو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو   شهر جون سڀ مارڪيٽون بند رهيون ۽ شھر اندر  داخلا وارن رستن ۽ باء پاس روڊ تي وڻ وڍي رکي روڊ  بند ڪيا ويا  جنهن سبب  ٽريفڪ مڪمل طور تي معطل ٿي وئي پوليس  غائب رهي لغاري برادري جي شھرين امتياز ملڪاڻي غلام نبي لغاري لطف ملڪاڻي صابر ملڪاڻي راشد علي لغاري ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته پوليس اسان جي ماڻھن تي حملو ڪندڙن کي چار ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار نه ڪري سگهي آھي اسان جا زخمي اسپتال ۾ تڙپن پيا پر جوابدار سرعام گهمي رهيا آھن اسان جو هي احتجاج مک جوبدارن جي گرفتار ٿيڻ تائين جاري رهندو،

پهنجو تبصرو موڪليو