حڪومت پاران مهانگي کنڊ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي سرڪار ملڪ ۾ وڪامجندڙ کنڊ جي اگهه کا مهانگي ريٽ تي پرڏيهه مان کنڊ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب 637.10 ڊالر في ٽن جي ٻولي منطوري ڪري ورتي آھي. ذريعن جو چوڻ آھي تھ ٻاھران گھرايل کنڊ پورٽ تي 108 روپيا 85 پئسا في ڪلو ۾ پوندي جڏھن تھ خرچو ملائي ڪري يوٽيليٽي اسٽورز کي کنڊ تقريبن 123 روپيا في ڪلو جي حساب ملندي. ذريعن موجب ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان 2 لک ٽن کنڊ جا سودا ڪيا ۽ اھا کنڊ الخليج گروپ کان خريد ڪئي وئي آھي. ذريعن موجب امپورٽ ڪيل کنڊ جي پھرين کيپ 20 کان 24 سيپٽمبر تائين پاڪستان پھچي ويندي. ذريعن موجب کنڊ جي مھانگي ٻولي ملڻ تي ٽي سي پي وفاق کي آگاھھ ڪيو ھو پر صعنت ۽ پيداوار جي وزارت کنڊ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني. ذريعن جو چوڻ آھي تھ سرڪار سستي مقامي کنڊ جي مقابلي ۾ تقريبن 38 روپيا في ڪلو مھانگي کنڊ جو سودو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو