پاڻي ناهي فصل سڪي ويا، آبادگارن جو احتجاج

جوهي (ن سنڌيار)آبادگارن کي پاڻي نه مليو  گذريل 32  ڏينهن کان سراپاء احتجاج چونڊيل نمائيندا ۽ آبپاشي عملدار نوٽس وٺڻ بجاء خاموش تماشائي بڻيل ,زرعي پاڻي کوٽ خلاف آبادگار اڳواڻن ميهر گاڏهي, خليل عارف سومرو, واحد بخش جسڪاڻي ۽ ٻين شهيد مخدوم بلاول پارڪ کان هٿن تي پلي ڪارڊ بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج ڪيو. هنن الزام هنيو ته منڍ جا بااثر زميندار آبپاشي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري سرعام پاڻي چوري ڪري پڇڙي جي آبادگارن جي حقن تي ڌاڙو هڻي معاشي قتل ڪري رهيا آهن هنن چيو ته جوهي جي آبادگارن جو معاشي ذريعو زراعت آهي زرعي پاڻي بند هجڻ ڪري آبادگار بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن, پاڻي نه هجڻ ڪري زمينون بنجر بڻجي ويون آهن پوکيل فصل سڪي تباھ ٿي ويو آهي  لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي هنن وزير اعظم پاڪستان چيف جسٽس آف پاڪستان سميت وارن ۽ اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته جوهي جي پڇڙي وارن آبادگارن کي پاڻي پهچائي مظلوم آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو