خيرپور(سجاد علي ڪٻر) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ خيرپور ميرس ضلعي جي دوري تي پھچندو جتي مختلف سياسي اڳواڻن سان تعزيتون ڪندو ڪرونڊي ۾ پ پ اڳواڻ بيريسٽر شيراز شوڪت راڄپر جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو راڻيپور ۾ پ پ ايم اين اي فضل علي شاھ جيلاني ايم پي اي احمد رضا شاھ سان سندس والده جي وفات تي تعزيت ڪندو ڪوٽڏيجي پھچي پ پ جي سينئر نائب صدر منظور حسين وساڻ سان سندس ڀاء جي وفات تي تعزيت ڪندو پ پ چيئرمين جي دوري دوران پ پ ڪارڪن سرگرم مختلف ھنڌن تي استقبالي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن پ پ پ چيئرمين سان وزير اعلي سنڌ ۽ صوبائي ڪابينا جا وزير به گڏ ھوندا ان موقعي تي ايس ايس پي خيرپور ميرس ملڪ ظفر اقبال پاران ضلعي جي مختلف روٽن جو دورو ضلعي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا آھي










