واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) صحافين جي تحفظ جي تنظيم ’ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس‘ يعني سِي پي جَي طالبان تي زور ڀريو آهي ته ميڊيا جي آزادي جو احترام ڪريو ۽ صحافين تي پابندين کين پريشان ڪرڻ کان پاسو ڪريو.جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 15 آگسٽ کانپوءِ رياستي ريڊيو ۽ ٽي وي تي ٻن عورت صحافين کي ڪم کان روڪيو ويو آهي ۽ ننگر هار ۾ ڪوريج دوران ٻن صهافين تي تشدد ڪيو ويو آهي. سي پي جي، جي ايشيا بابت ڪوآرڊينيٽر استيون بٽلر پنهنجي بيان طالبان تي زور ڀريو آهي ته هو پابندي هٽائين ۽ واعدي موجب ٻنهي عورت صحافين کي ڪم جي اجازت ڏين. سرڪاري ريديو ٽي وي جو انتظام سنڀاليندڙ طالبان خديجه امين کي نوڪري تان واپس گهر موڪليندي چيو ته تون گهر ۾ ويهه ڪجهه ڏينهن بعد توسان رابطو ڪنداسين. ساڳئي طرح شبنم داوران کي به چيو ويو ته حڪومت مٽجي وئي آهي توهان گهر هلو. طالبان ببرڪ اميرزاده ۽ ڪيمرا مين محمود نعيمي کي جلال آباد ۾ هوائي فائرنگ جي ڪوريج وقت مارڪٽ ڪئي وئي.










