لاھور (ويب ڊيسڪ) ايم پي اي نذير چوهاڻ ضمانت تي آزاد ٿيندي ئي يوٽرن وٺندي جهانگير ترين گروپ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو آھي، فياض الحسن چوهاڻ جنهن وڄ ۾ پئي چوهان جو شهزاد اڪبر سان معافي تلافي ڪري ٺاهه ڪريو تنهن سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ هن اهڙو اعلان ڪيو. ان کان اڳ جيئن هو آزاد ٿيو ته فياض الحسن کيس مٺائي به کارائي. آزاد ٿيڻ بعد نذير چوھاڻ چيو تھ جهانگير ترين مون کي استعمال ڪيو، هاڻي سندس گروپ سان ڪوبه واسطو نه آهي، شهزاد اڪبر وڏ پڻي جو مظاهرو ڪري معاف ڪري ڇڏيو، مان سندس اڳيان شرمسار آهيان، لاهور جي عدالت شهزاد اڪبر سان ٺاهه بعد نذير چوهاڻ جي اڄ ضمانت منظور ڪئي۽ هو آزاد ٿيو.










