ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي 34 ملڪن جي 14 هزار سائنسدانن پوري دنيا جو ڌيان ڇڪائيندي چيو آهي ته ڌرتي جي گولي جو ماحول خراب ٿي رهيو آهي ۽ پوري دنيا فوري طور تي موسمياتي تبديلين بابت ايمرجنسي اپاءُ وٺي. 2019 ۾ 11258 سائنسدانن اسان کي خبردار ڪيو هو ته ڌرتي جي گولي تي تباهي اچي سگهي ٿي ۽ اها سندن تحقيق بايو سائنس جرنل ۾ شايع به ٿي هئي پر 2 سال گذرڻ بعد به دنيا اهي اپاءَ نه ورتا آهن جيڪي جنگي بنيادن تي وٺڻ گهرجن. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ٻيلن ۾ باه لڳڻ، گرمي جو وڌي وڃڻ، گليشيئر ز جو پگهر، اينٽارڪٽڪ، آئيس لينڊ ۾ ٿيندڙ تبديلين ۽ ايندڙ ٻوڏ ۽ برساتي سيلابن سبب انسانن ۽ هن ڌرتي جي گولي کي وڏو خطرو آهي. جنهن لاءِ تيل جو استعمال روڪڻ سميت هنگامي اپائن لاءِ فوري فيصلا ڪرڻا پوندا.










