جبري ويڪسين تي پابندي جي درخواست رد، 25 هزار ڏنڊ

جبري ويڪسين تي پابندي جي درخواست رد، 25 هزار ڏنڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورت جبري ويڪسين تي پابندي واري درخواست رد ڪندي درخواست گزار تي 25 هزار ڏنڊ وجهي ڇڏيو. جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس آغا فيصل تي مشتمل بينچ ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار  سهيل احمد ايڊوڪيٽ چيو ته حڪومت موبائيل فون سم بند ڪرڻ ۽ سفر تي پابندي لاڳو ڪري غير قانوني ڪم ڪيو آهي اوهان جبري ويڪسين ڪرائڻ تي پابندي هڻو. عدالت چيو ته ڪورونا وائرس ۾ مبتلا شخص هلندڙ فرندڙ بم آهي، هو ٻين جي صحت لاءِ به خطرو آهي. اوهان غير ضروري پٽيشن داخل ڪري عدالت جو وقت ٿا وڃايو، عدالت مٿس 25 هزار ڏنڊ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو