هندو ناري کي مسلمان ڪري پرڻو ڪندڙ خلاف ڪيس داخل

هندو ناري کي مسلمان ڪري پرڻو ڪندڙ خلاف ڪيس داخل

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون)ڪڙيو گھنور ۾ ڪجھ مھينا اڳ مسلمان ٿيندڙ ناري رينا ميگھواڙ مسلمان ٿيڻ تي قاسم خاصخيلي سان پيار جو پرڻو ڪيو ھو ناري رينا ( مريم ) ٻيھر ڪڙيو گهنور ٿاڻي تي پھچي پنھنجج ڏنل ويڊيو بيان ۾ چيو تہ آئون پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ وٽ وڃڻ چاھيان ٿي اھڙي وڊيو ڪجهه ڏينهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان بعد ايس ايس پي بدين شبير احمد سيٺھار فوري نوٽيس وٺندي ناري کي بدين ايس ايس پي آفيس ۾ عورتن جي تحفظ واري سيل بدين منتقل ڪيو اڄ بدين جي عدالت ۾ ناري کي پيش ڪيو ويو جتي ناري رينا  ميگھواڙ پنھنجو بيان ڏيندي چيو تہ آئون پنھنجي پيءُ، ماءُ سان گڏ رھڻ چاھيان ٿي جنھن تي عدالت سڳوري پنھنجي والدين سان گڏ رھڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. مذهب تبديل ڪرائي شادي ڪندڙ قاسم خاصخيلي تي ڪيس داخل ڪرڻ جو ڪورٽ حڪم ڏئي ڇڏيو، ايس ايس پي بدين ڪڙيو گھنور جي ايس ايڇ او ۽ وڏي منڇي کي فرض ۾ ڪوتاھي ڪرڻ تي معطل ڪري ڇڏيو. رينا ميگهواڙ مائٽن حوالي ٿيڻ کان پوءِ ايس ايس پي شبير احمد سيٺھار سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ايس پي بدين رينا ميگهواڙ کي باعزت ۽ احترام سان والدين جي حوالي ڪيو انهن کي يقين ڏياريو ته اوهان کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو قاسم خاصخيلي کي جلدي ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ گرفتار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو