ڊيرا غازي خان(ويب ڊيسڪ) ڊيرا غازي خان ۾ مسافر بس ۽ ٽريلر ۾ ٽڪر ٿيڻ ڪري 26 ماڻهو فوت ۽ 35 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، سيالڪوٽ کان راڄنپور ويندڙ بس ڊيرا غازي خان ۾ جهوڪ يارو ويجهو تونسه روڊ تي ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر ريسڪيو ڊاڪٽر نيئر عالم جو چوڻ آهي ته بس حادثي ۾ 29 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، حادثي جو شڪار بس ۾ 60 کان مٿي مسافر سوار هئا، حادثي ۾ 35 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن سمورن زخمين کي ٽيچنگ اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي واري جاءِ تان بس ۽ ٽرالر کي هٽايو ويو آهي ۽ ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير قيمتي جانين جي زيان تي افسوس ظاهر ڪندي زخمين جي علاج معالجي جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.










