ڊي جي خان لڳ  بس ۽ ٽريلر ۾ ٽڪر 26 فوت 35 زخمي

ڊي جي خان لڳ بس ۽ ٽريلر ۾ ٽڪر 26 فوت 35 زخمي

ڊيرا غازي خان(ويب ڊيسڪ) ڊيرا غازي خان ۾ مسافر بس ۽ ٽريلر ۾ ٽڪر ٿيڻ ڪري 26 ماڻهو فوت ۽ 35 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، سيالڪوٽ کان راڄنپور ويندڙ بس ڊيرا غازي خان ۾ جهوڪ يارو ويجهو تونسه روڊ تي ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر ريسڪيو ڊاڪٽر نيئر عالم جو چوڻ آهي ته بس حادثي ۾ 29 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، حادثي جو شڪار بس ۾  60 کان مٿي مسافر سوار هئا، حادثي ۾ 35 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن سمورن زخمين کي ٽيچنگ اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي واري جاءِ تان بس ۽ ٽرالر کي هٽايو ويو آهي ۽ ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير قيمتي جانين جي زيان تي افسوس ظاهر ڪندي زخمين جي علاج معالجي جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو