ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي اڳوڻو صدر ممنون حسين جون آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد سندس مڙه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هو ڪافي عرصو بيمار رھڻ بعد گذريل ڏينهن 81 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، سندس پٽ ارسلان ممنون لاڏاڻي جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو تھ سندس والد 2 ھفتن کان نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ ھو. ھن جو چوڻ ھو تھ والد ڪينسر جي عارضي ۾ مبتلا ھو ۽ اڄ خالق حقيقي سان وڃي مليو. ممنون حسين 2013ع کان 2018ع تائين پاڪستان جو صدر رھيو ۽ ھن جو تعلق مسلم ليگ نواز سان هو.
پاڪستان جي صدر عارف علوي ۽ گورنر سنڌ عمران اسماعيل، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ پنجاب جي گورنر چوڌري سرور سندس مغفرت جي دعا ڪندي ڏک جو اظھار ڪيو آهي.










