دماغي بيميارين جو ماهر ڊاڪٽر دماغي بيماري سبب فوت

دماغي بيميارين جو ماهر ڊاڪٽر دماغي بيماري سبب فوت

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو جو نوجوان نيرو سرجن ڊاڪٽر ماجد اسماعيل چانڊيو دماغ جي بيماري سبب ڪراچي جي پي اين شفاءِ  اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، نوجوان ڊاڪٽر جي لاڏاڻي جي خبر جو ٻڌي دادو سميت سڄي علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇائينجي وئي، ڊاڪٽر ماجد اسماعيل چانڊيو پي اين شفاءِ اسپتال ڪراچي ۾ نيرو سرجن طور ڊيوٽي ڪندڙ هو هن چانڊڪا مان ايم بي بي ايس ڪئي ۽ ايف سي پي ايس ڪرڻ کان پوءِ پي اين شفاءِ ۾ نوڪري ڪئي، دادو جي نامياري ڊاڪٽر محمد اسماعيل چانڊيو جو فرزند هو مرحوم جي جنازي نماز ڳوٺ غلام خان چانڊيو لڳ ڦلجي اسٽيشن ۾ ادا ڪئي ويندي سگا ڦلجي اسٽيشن شاخ پاران ڏکايل خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو