دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو جو نوجوان نيرو سرجن ڊاڪٽر ماجد اسماعيل چانڊيو دماغ جي بيماري سبب ڪراچي جي پي اين شفاءِ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، نوجوان ڊاڪٽر جي لاڏاڻي جي خبر جو ٻڌي دادو سميت سڄي علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇائينجي وئي، ڊاڪٽر ماجد اسماعيل چانڊيو پي اين شفاءِ اسپتال ڪراچي ۾ نيرو سرجن طور ڊيوٽي ڪندڙ هو هن چانڊڪا مان ايم بي بي ايس ڪئي ۽ ايف سي پي ايس ڪرڻ کان پوءِ پي اين شفاءِ ۾ نوڪري ڪئي، دادو جي نامياري ڊاڪٽر محمد اسماعيل چانڊيو جو فرزند هو مرحوم جي جنازي نماز ڳوٺ غلام خان چانڊيو لڳ ڦلجي اسٽيشن ۾ ادا ڪئي ويندي سگا ڦلجي اسٽيشن شاخ پاران ڏکايل خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.










