ٻيلي جي زمينن الاٽمينٽ رد ڪرڻ جو حڪم

ٻيلي جي زمينن الاٽمينٽ رد ڪرڻ جو حڪم

سکر (ن سنڌيار) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيلي کاتي جي زمينن جي الاٽمينٽ رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضن ۽ الاٽمينٽ بابت ڊي جي نيب سکر کان جاچ رپورٽ طلب، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضي واري ڪيس بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، قبضا خورن کي پاڻي فراهم ڪرڻ تي ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر ۽ ايس اِي جا گرفتاري وارنٽس جاري، حيسڪو چيف کي قبضي جي زمينن تي بجلي جا ڪنيڪشن ڪاٽڻ جو حڪم، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ايس ايس پي عدالت کي آگاهه ڪيو ته ٽندو الهيار جي وڏيري سرفراز نظاماڻي جي لوڪيشن اسلام آباد ۾ ملي رهي آهي، آءِ جي سنڌ ۽ آءِ جي اسلام آباد کي حڪم ڏنو آهي ته وڏيري کي گرفتار ڪري عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو