اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.ايندڙ بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جڏهن ته پگهارن ۾ واڌ جي لاءِ 47 ارب اضافي رکڻ جو امڪان آهي.پگهارن ۽ پينشن جي لاءِ 95 ارب روپيه اضافي رکڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ پينشن ۾ اضافي جي لاءِ 47.7 اب مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته پينشن جي لاءِ بجيٽ 527 ارب روپين کان وڌيڪ رکڻ جو امڪان آهي.دستاويز موجب ايندڙ سال قرضن تي وياج جي مد ۾ 3105 ارب خرچ ٿيندا ۽ سبسڊيز تي 501 ارب گرانٽس تي 994 روپيه خرچ ٿيندا. هوڏانهن ڊفينس سروسز جي لاءِ 1330 ارب رکڻ جي به تجويز آهي.










