ٽنڊومحمدخان (مظفر علي بروهي)سن ڪوٽا تحت پٽ کي نوڪري نه ملڻ واري عمل خلاف تعلقه بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ منٺار سميپوٽو جي رهواسڻ بيواه حاجره سندس پٽ خدابخش سميپوٽو ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ ٽنڊومحمدخان ۾ احتجاج ڪندي هن چيو آهي ته منهنجو مڙس محمد عمر لطيف آباد حيدرآباد واٽرسپلائي ۾ ڊيوٽي ڪندو هو جيڪو ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو هو جنهن جي سن ڪوٽا تحت منهنجي پٽ کي نوڪري ڏيڻ جو چيو ويو هو پر هن کي اڄ تائين نوڪري نه ملي سگهي آهي اسان غريب مسڪين آهيون اسان جا معصوم ٻار بکون ڪاٽڻ ته مجبور آهن اسان وٽ جيڪو ڪجهه هو اهو وڪڻي پٽ کي سن ڪوٽا تحت نوڪري ڏيارڻ تي خرچ ٿي ويو آهي هاڻ اسان وٽ کائڻ لاء به ڪجهه نه بچو آهي پٽ جي نوڪري لاء حيدرآباد جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهيون پر اسان جي جائز سن ڪوٽا کان محروم رکيو ويو آهي هنن وزيراعلي سنڌ سميت اعلي اختيارن کان پٽ کي سن ڪوٽا تحت نوڪري ڏيارڻ جي اپيل ڪئي آهي










