ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)ٽنڊو محمد خان پوليس پاران ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائيڻ لا۽ آگاهي مهم جي حوالي سان فليگ مارچ ڪيو ويوخبر موجب ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان جناب عابد بلوچ جي خصوصي هدايت تي ٽنڊو محمد خان پوليس شھرين ۾ ڪرونا وائيرس جي بچاء لا۽ ۽روڪٿام سميت ايس او پيز تي عملدرآمد جي سلسلي پاڪ فوج سان گڏجي ٽنڊو محمد خان پوليس آگاهي مهم سان گڏوگڏ فليگ مارچ ڪيو فليگ مارچ ۽ اگاهي مهم جي حوالي سان ٽنڊو محمد خان ضلعي جي مختلف ٿاڻن سٽي بلڙي شاھ ڪريم شيخ ڀرڪيو ٽنڊو غلام حيدر سميت ٻين ٿاڻن جي ايس ايڇ او پنهنجي اسٽاف سان گڏجي مختلف علائيقن جي شھر جي بازارن مارڪيٽن ۾ وڃي ڪرونا وائيرس جي بچاء ۽ روڪٿام لا۽ حڪومت جي هدايت تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ آگاهي ڏني ان موقعي تي ضلعي پوليس پاڪ فوج جي اهلڪارن عوام کي اپيل ڪئي ته ايس او پيز جو خيال ڪريو بنا ڪنهن سبب جي گهران ٻاهر نه نڪرو ماسڪ پايو ۽ سينيٽائيزر جو استعمال ڪريو ۽ سماجي فاصلي جو خاص خيال رکو ۽ ضلعي پوليس پاران عوام ۾ ماسڪ پڻ تقسيم ڪيا ويا










