ٽنڊو محمد خان( مظفر علي بروهي )جيئي سنڌ محاذ ٽنڊي محمد خان جي ضلعي صدر زاهد جسڪاڻي جنرل سيڪريٽري عرس ملاح اطلاعات سيڪريٽري حبيب جسڪاڻي خانو ڪولاچي مختيار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي بلڙي شاه ڪريم ۾منشيات گهٽڪو مين پڙي سفينه شيشو ڀنگ چرس سبزين دوائن تيل ۽ پڪوڙن جي تيل م ملاوٽ ۽ وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو , مظاهرين پاران منشيات بند ڪريو قوم بچايو جا نعرا ان موقعي تي مذڪوره اڳواڻن منتخب نمائيندن تي سخت تنقيد ڪندي چيوته انهن جي سپرستي م پوري ضلعي م منشيات هلي پئي اسان ٽن مهينن کان مسلسل احتجاجڪري رهيا آهيون پر منشيات بند ٿيڻ بجاء وڌي رهي آهي , پوليس ۽ ٻي انظاميا مڪمل خاموش آهي منشيات فروش سرعام منشيات پيا هلائن ها ڻي ته ٽنڊي محمد خان م هڪ خطرناڪ نشو به اچي ويو جنهن سبب عورتون مرد ۽ بارڙن سميت شاگرد به نشي جا عادي ٿي رهيا آهن , اسان اڳواڻن کي ووٽ ڏيون ٿا سي خود منشيات فروشن جا ساٿي آهي هنن چيو ته اسان کي خبر آهي ته ڪهڙن ماڻهن جي گاڏين م منشيات اچي ٿي پوليس به غريبن کي پڪڙي ٿي وڏن منشيات فروشن م ڪير به هٿ وجهڻ لاء تيار ڪونهي , هنن مطالبو ڪيو ته خدارا پنهنجي قوم جي ٻچن تي رحم ڪريو ۽ منشيات سميت سموريون سماجي برايون ختم ڪرايو نه هاڻي وزير اعلي هائوس سامهون احتجاج ڪنداسين










