جيئي سنڌ محاذ پاران منشيات جي وڪري خلاف احتجاج

جيئي سنڌ محاذ پاران منشيات جي وڪري خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان( مظفر علي بروهي )جيئي سنڌ محاذ ٽنڊي محمد خان جي ضلعي صدر زاهد جسڪاڻي جنرل سيڪريٽري عرس ملاح اطلاعات سيڪريٽري حبيب جسڪاڻي خانو ڪولاچي مختيار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي بلڙي شاه ڪريم ۾منشيات گهٽڪو مين پڙي سفينه شيشو ڀنگ چرس سبزين دوائن تيل ۽ پڪوڙن جي تيل م ملاوٽ ۽ وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو , مظاهرين پاران منشيات بند ڪريو قوم بچايو جا نعرا ان موقعي تي مذڪوره اڳواڻن منتخب نمائيندن تي سخت تنقيد ڪندي چيوته انهن جي سپرستي م پوري ضلعي م منشيات هلي پئي اسان ٽن مهينن کان مسلسل احتجاجڪري رهيا آهيون پر منشيات بند ٿيڻ بجاء وڌي رهي آهي , پوليس ۽ ٻي انظاميا مڪمل خاموش آهي منشيات فروش سرعام منشيات پيا هلائن ها ڻي ته ٽنڊي محمد خان م هڪ خطرناڪ نشو به اچي ويو جنهن سبب عورتون مرد ۽ بارڙن سميت شاگرد به نشي جا عادي ٿي رهيا آهن , اسان اڳواڻن کي ووٽ ڏيون ٿا سي خود منشيات فروشن جا ساٿي آهي هنن چيو ته اسان کي خبر آهي ته ڪهڙن ماڻهن جي گاڏين م منشيات اچي ٿي پوليس به غريبن کي پڪڙي ٿي وڏن منشيات فروشن م ڪير به هٿ وجهڻ لاء تيار ڪونهي , هنن مطالبو ڪيو ته خدارا پنهنجي قوم جي ٻچن تي رحم ڪريو ۽ منشيات سميت سموريون سماجي  برايون ختم ڪرايو نه هاڻي وزير اعلي هائوس سامهون احتجاج ڪنداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو