ڪچري مان بجلي ٺاهڻ ۾ روس سنڌ جي مدد لاءِ تيار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصرحسين شاهه سان روس جي وفد جي ملاقات، وفد جي اڳواڻي سينٽ پيٽر برگ، روسي حڪومت جو صلاحڪار اينڊري زوپال ڪري رھيو ھو. ڪراچي ۾ روس جو قونصل جنرل ڊاڪٽر اليگزينڊر ڪوزين ۽ ٻيا به موجود ھئا مڪاني کاتي جي معاونت لاءِ ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله خان ۽ مڪاني کاتي جا سينيئر آفيسر موجود هئا. روس جي وفد ڪچري مان بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.

Group Photo of Russian delegation with Syed Nasir Shah, Minister Sindh Local govt.
Photo Sindh Info

ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته روس جا اسين ٿورائتا آهيون، جنهن پاڪستان جي عوام کي اسٽيل مل جو تحفو ڏنو. هن چيو ته اسٽيل مل ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، ليڪن اڄڪلهه ڪجهه سببن جي ڪارڻ بند پئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اسٽيل مل جي بحالي ۾ دلچسپي رکي ٿي، روس مل جي بحالي ۾ اسان جي ٽيڪنيڪل مدد ڪري.سيد ناصر حسين شاهه وفد کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ، ڊيسيلينيشن پلانٽ ۽ ڪچري مان بجلي پيدا ڪرڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. روس جا سيڙپڪار حيدرآباد ۽ سکر ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو وٺن. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وفد کي سکر جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وفد چيو ته سينٽ پيٽربرگ حڪومت ڪچري مان توانائي سميت ٻين منصوبن ۾ سنڌ حڪومت جي اقتصادي ۽ فني مدد ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو