امر جليل جي سِر جي قيمت لڳائيندڙن خلاف ڪاروائي ڪريو، سانا

نيو جرسي(ويب ڊيسڪ) اتر آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي تنظيم سانا جي صدر خالد چنا چيو آهي ته امر جليل تعصب ۽ نفرت واري سوچ جو نئون شڪار آهي. پاڪستان ۾ سندس خلاف نفرت ڀري مهم شروع ڪئي وئي آهي، سرهندي پير سندس سِر جي قيمت مقرر ڪئي آهي ۽ حيرت آهي ته رياست ان ڪڌي عمل تي خاموش آهي. سانا پاران جاري ڪيل بيان م چيو ويو آهي ته جڏهن رياستون قانون لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿينديون آهن ته پوءِ اونداهي جون علمبرادر قوتون معاملا پهنجي هٿ ۾ کڻنديون آهن. سانا محسوس ڪري ٿي ته امر جليل برصغير جي صوفياڻي ماحول، خاص ڪري  معاشري جي سيڪيولر  ۽ برداشت جي روايتن مطابق ڪجهه نئون ناهي ڪيو. صدين کان بابا بلهي شاه، سچل سرمست ۽ ٻين شاعرن عام ماڻهن جي پيڙائن کي اهڙن استعارن ۾ بيان ڪيو آهي. خود علامه اقبال جهڙي قابل احترام قومي شاعر پڻ اهڙي قسم جي ٻولي استعمال ڪئي آهي. جهڙوڪ ‘يا اپنا گريبان چاڪ ، يا دامن يزدان چاڪ، فارغ تو نه بيٺي گا محشر ۾ ميرا  جنون’. سانا سواليا انداز ۾ چيو ته جيڪو ڪجهه امر جليل سان منسوب آهي ڇا اهو علامه اقبال جي ڄاڻايل شعر کان مختلف آهي.؟ هن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، اظهار جي آزادي؟ ڇا الله پاڪ يا اسلام ايترا نازڪ آهن جو انهن کي هڪ صوفي منش ليکڪ جي چند لفظن سان ڪو نقصان ٿيندو؟ سانا حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته امر جليل جي سِر جي قيمت مقرر ڪندڙ سرهندي پير خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي وڃي. بيان موجب سانا محسوس ڪري ٿي ته مذهبي ڌرين کي امر جليل جي لفظن کي حرف بحرف واري معنيٰ کان هٽي ڪري ڏسڻ گهرجي. عدم برداشت وارن روين سبب اڳ ۾ ئي قوم گهڻو ڀوڳيو آهي ۽ امر جليل کي پهتل ڪو به نقصان ملڪي حالتن کي وڌيڪ بدتر ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو