نجي ايئرلائن جي جهاز ۾ اڏام دوران انجڻ خراب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسلام آباد ويندڙنجي ايئر لائن سيرين ايئر جو جهاز خراب ٿي پيو، جهاز ۾ وفاقي وزير اسد عمر به اسلام آباد وڃي رهيو هو، سول ايوي ايشن جي ذريعن موجب فلائٽ نمبر 502 ۾ روانگي کان 40 منٽ بعد ٽيڪنيڪل خرابي پيدا ٿي پئي، جنهن ۾ اسد عمر سوڌو 120 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا، پائلٽ ايمرجنسي لينڊنگ جي ڪال ڏني، جنهن بعد جهاز کي ٻيهر ڪراچي ايئرپورٽ تي بحفاظت لاٿو ويو، جڏهن ته مسافرن کي ٻئي جهاز ذريعي اسلام آباد روانو ڪيو ويو. ياد رهي ته ساڳئي جهاز جي ٻئي انجڻ ڪجهه وقت اڳ خرابي ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو