وزيراعظم خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ وزيراعظم عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي اڱاري تي ٻڌڻي جو فيصلو ڪيو آهي. جسٽس علي باقر نجفي تي مشتمل سنگل جج بينچ ٻڌڻي ڪندي. درخواست گذار سردار فرحت منظور چانڊيو ايڊووڪيٽ اها درخواست داخل ڪئي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عمران احمد خان نيازي 4 اپريل تي پي ٽي وي تي براهه راست پروگرام دوران سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته نواز شريف کان 7 ارب جو شوئرٽي بانڊ وٺڻ جو حڪومت فيصلو ڪيو پر عدليا اهو نه ورتو، عدليا کانسواءِ احتساب ممڪن ناهي. درخواست گذار چيو ته هن ڄاڻي واڻي عدليه تي تنقيد ڪري ان کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. درخواست گذار وزيراعظم جي سيڪريٽري، چيئرمين پي ٽي وي ۽ چيئرمين پيمرا کي به ڌر بڻايو آهي.درخواست گذار چيو ته وزيراعظم کي عدليه تي تنقيد کان روڪيو وڃي. سيد يوسف رضا گيلاني کي بطور وزيراعظم ذاتي حيثيت ۾ گهرائڻ ۽ توهين عدالت ڪيس ۾ سزا جو مثال موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو