ڪڻڪ جو فصل لهي ويو،خريداري مرڪز قائم نه ٿيا

ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو)ڪشمور ضلعي اندر ڪڻڪ جو بمپر فصل تيار ٿي لهي ويو خوراڪ کاتي پاران خريداري مرڪز قائم نه ٿي سگهيا آبادگار سستي اگهه تي ڪڻڪ واپارين کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور, ڪروڙن جي ڪرپشن ۾ ملوث فوڊ انسپيڪٽر ۽ سپروائيزر سڻڀا سينٽر حاصل ڪرڻ لاءّ تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ پي پي عهديدارن جي بنگلن جا چڪر ڪاٽڻ لڳا.ڪشمور ضلعي جي ڪرمپور کان وٺي گڊو تائين هر ننڍي توڙي وڏي شهر جي پڪي ۽ ڪچي جي علائقن جي زرخيز زرعي زمين  تي پوکيل ڪڻڪ جو فصل سنهري رنگ جيان تيار ٿي بيٺل آهي, جڏهن ته ڪجھ هنڌن تي ڪڻڪ جي شاندار فصل جي ڪٽائي مڪمل ڪئي ويئي آهي, گذريل ڪجھ ڏينهن اڳ سنڌ اندر ڳڙي سان پيل تيز برسات سبب ڪڻڪ جو فصل خراب ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پئي ويو, پر اهڙي قسم جي ڪا به خطري واري صورتحال پيدا نه ٿي آهي, ڪشمور ضلعي اندر ڪڻڪ جو بمپر فصل لهي مارڪيٽ ۾ پهچڻ شروع ٿي ويو آهي, ٻئي پاسي سنڌ سرڪار جي خوراڪ کاتي پاران ڪشمور ضلعي ۾ 60کان مٿي خريداري مرڪز قائم ڪري 8 لک 72 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون خريد ڪرڻ جو ٽارگيٽ رکيو ويو آهي, جنهن بعد هتان جي ڪرپشن جي بادشاھ طور مشهور فوڊ انسپيڪٽرن ۽ فوڊ سپروائيزرن سڻڀا خريداري مرڪز حاصل ڪرڻ لاءّ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ اميدوارن پاران هتان جي چونڊيل نمائيندن ايم پي ايز, ايم اين اي ۽ پي پي عهديدارن جي بنگلن جا چڪر ڪاٽڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو