خاصخيلي برادري پاران نئون سردار نامزد

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) خاصخيلي برادري جي قومي ڪاڄ ۾ سردار حاجي انور خاصخيلي کي سنڌي ثقافت جي پڳ ٻڌرائي برادري جي غريب مسڪين ماڻهن جي سهائتا ڪرڻ سان گڏ انسانيت جي خدمت بنا ڪنهن فرق جي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ، ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ محمد صادق خاصخيلي ۾ خاصخيلي برادري جي قومي سردار حاجي انور خاصخيلي سندس مان ۾ سنڌي ثقافت پڳ ٻڌائڻ لاءِ غلام رسول خاصخيلي طرفان ور ڏيڻ کانپوءِ پڳ پائڻ واري تقريب کي مخاطب ٿيندي چيو ته انسانيت جي خدمت سڀ کان وڌيڪ اهم آهي خاصخيلي برادري جي غريب مسڪين ماڻهن جي سهائتا سان گڏ انسانيت جي ناتي ۾ هنڌو مسلم غريب ماڻهن جي خدمت ڪرڻ پنهنجي رب العالمين کي راضي ڪرڻ آهي ، مهنگائي جي طوفان عوام جو ساھ سڪائي ڇڏيو آهي ، عوام پريشانين ۾ مبتلا آهي ، سنڌ جي اندر غلط ريتن رسمن جي ڪري غريب مسڪين پورهيت هاري طبقو غربت مفلسي جو شڪار آهي ، سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم کي پٺتي رکيو ويو آهي ، قومن جي ترقي لاءِ مردن سان گڏ عورتن کي به اڳتي اچڻو پوندو ، نياڻين جي تعليم لاءِ خاصخيلي جماعت طرفان شهرن ڳوٺن ۾ سينٽر قائم ڪيا ويندا ، غريب مسڪين خاندانن جي نياڻين جي شادين جي رسمون ادا ڪرڻ لاءِ سندن مالي سهائتا ڪئي ويندي ،  خاصخيلي جماعت جي ماڻهن جي تنظيم سازي لاءِ سنڌ سميت ڏيھ ۽ پرڏيھ جي اندر تنظيم واري مهم کي مضبوط ڪيو ويندو ، هن چيو ته ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ برادري پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪندي ، ان موقعي تي پڳ جي رسم ادا ڪندڙ خاصخيلي جماعت جي اڳواڻ غلام رسول خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي قومي سردار جي انسانيت جي خدمت واري جذبي کي پوري برادري جي حمايت حاصل آهي ، خاصخيلي برادري سان گڏ سمورين برادرين ۾ قومي ايڪتا پيدا ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي ويندي ، تقريب کي دلدار خاصخيلي ، غلام مصطفي ,حاجي محراب خاصخيلي ،  حاجي عبدالله ، عبدالخالق خاصخيلي ، عبدالرزاق خاصخيلي  ، رضا محمد, محمدصديق خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪندي برادري جي اتحاد تي يقين جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو