وفاقي ڪابينه ڀارت مان کنڊ ۽ ڪپهه گهرائڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي

وفاقي ڪابينه ڀارت مان کنڊ ۽ ڪپهه گهرائڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي ڪابينه ڀارت مان کنڊ ۽ ڪپهه گهرائڻ جي اي سي سي جي تجويز رد ڪري ڇڏي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڀارت مان ڪپهه گهرائڻ جو معاملو بحث هيٺ آيو. وفاقي ڪابينه ڀارت مان کنڊ ۽ ڪپهه گهرائڻ جي اي سي سي جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو. اي سي سي گذريل ڏينهن ڀارت ۾ قيمت گهٽ  هجڻ تي ڪپهه گهرائڻ جي تجويز منظور ڪئي هئي.ناڻي واري وزير حماد اظهر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ ڀارت مان پنج لک ميٽرڪ ٽن کنڊ گهرائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي.  ڪميٽي ڀارت مان ڪپهه گهرائڻ جي به اجازت ڏني هئي جيڪا 30 جون 2021 تائين گهرائڻي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو