اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي ڪابينه ڀارت مان کنڊ ۽ ڪپهه گهرائڻ جي اي سي سي جي تجويز رد ڪري ڇڏي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڀارت مان ڪپهه گهرائڻ جو معاملو بحث هيٺ آيو. وفاقي ڪابينه ڀارت مان کنڊ ۽ ڪپهه گهرائڻ جي اي سي سي جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو. اي سي سي گذريل ڏينهن ڀارت ۾ قيمت گهٽ هجڻ تي ڪپهه گهرائڻ جي تجويز منظور ڪئي هئي.ناڻي واري وزير حماد اظهر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ ڀارت مان پنج لک ميٽرڪ ٽن کنڊ گهرائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. ڪميٽي ڀارت مان ڪپهه گهرائڻ جي به اجازت ڏني هئي جيڪا 30 جون 2021 تائين گهرائڻي هئي.










