ٺٽو رپورٽ (جاويد لطيف ميمڻ)ٺٽي جي تاريخي ورثو قرار ڏنل قديمي گجراتي اسڪول تي غير مقامي پٺاڻن قبِضو ڪري گجراتي اسڪول جي سرڪاري پلاٽ تي کٽون رکي جرڳو ڪري پلاٽ تي ٽريڪٽر لڳائي قبِضو ڪرڻ بعد اڏاوتي ڪم لاء تياري شروع ڪري ڇڏي، تاريخي گجراتي اسڪول جي پلاٽ جي ھڪ وڏي حصي تي اوچتو قبضي تي سياسي، سماجي علمي ادبي ڌرين ۾ سخت ڳڻتي جي لھر، ھڪ ڏينھن اڳ پلاٽ لڳ ڪاٺ جي گدام کي باھ جو ڊرامو رچائڻ بعد لينڊ مافيا جي اصل قبضي جي سازش سامھون اچي ويئي آھي، انگريزن جي دور جي تاريخي گجراتي اسڪول کي تازو آرڪيالاجي کاتي ثقافتي ورثو قرار ڏيئي ان جي بحالي لاء ڪم جي شروعات به ڪئي ھئي، ٻئي طرف ٺٽي جي سياسي، سماجي، ادبي ڌرين جي اڳواڻن سنڌ لئنگويج اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، سنڌي ادبي سنگت جي رمضان ميمڻ، سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي سينيئر نائب صدر محمد آدم گندرو، ڪوھستان جي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير پالاري ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته تعليم کاتي ٺٽو جي ايس ڊي اي او پرائمري آفيس ڀرسان قديم زماني کان قائم گجراتي مدرسو اسڪول تعليم ۽ تدريس جو مرڪز رهيو. سمان دور کان قائم مدرسي توڙي اسڪول کي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ به علمي مرڪز جي حيثيت رهي. ٺٽي شهر ۾ گجرات کان آيل گجراتين جي تعليم خاطر انگريزن جي دور ۾ هن اسڪول کي گجراتي اسڪول قرار ڏيئي ان ۾ گجراتي ۽ سنڌي ڪلاسز گڏيل طور هلايا ويا. 1950 جي ڏهاڪي تائين گجراتي اسڪول درس و تدريس جو مرڪز رهيو، ھنن چيو ته هن تاريخي درسگاھ کي ٻن قُبن واري درسگاھ طور پڻ سڏيو وڃي ٿو ۽ آثار قديمه هن قديم دور جي درسگاھ جي عمارت جي اصلي حالت ۾ بحالي لاء ڪم به شروع ڪرايو، ھنن چيو ته مدرسا گجراتي اسڪول جي ڀرپاسي وارو سمورو پلاٽ به هن درسگاھ جي ملڪيت آهي، هن قديم درسگاھ جي پلاٽ ۽ ڀرپاسي واري حصي تي قبضو غير قانوني ۽ غلط آهي، جنھن جو اعلا اختياريون فورن نوٽيس وٺي قبضو خالي ڪرائي قبضا گيرن خلاف ڪاروائي ڪرائين. ھوڏانھن ٺٽي جي تاريخي ۽ آڳاٽي دور جي مدرسه گجراتي اسڪول تي قبضي وارو مامرو ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد ڊي سي ٺٽو محمد عثمان تنوير پوليس ۽ انتظاميه سميت قبضي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو. انتظاميه جي پهچڻ تي قبضاگير پٺاڻ ڀڄي ويا. ڊي سي ٺٽو جي حڪم تي مختيار ڪار ٺٽو ۽ سٽي سرويئر قبضي واري هنڌ جي معائني بعد اسڪيچ تيار ڪري ورتو. صحافين سان ڳالھائيندي مختيارڪار ٺٽو اقتدار رسول بھراڻي چيو ته انتظاميه جي رڪارڊ ۾ 12 سئو گز ايراضي پلاٽ تاريخي گجراتي اسڪول جي نالي ميونسپل ڪميٽي جي ملڪيت ظاهر ٿي آھي، جنھن تان قبضو خالي ڪرايو ويو آهي، ان جو قبضو هاڻي باضابطه طور ميونسپل انتظاميه حوالي ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف ڊي سي ٺٽو محمد عثمان تنوير صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ٺٽي جي تاريخي ماڳن تي قبضو ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتو ويو آهي، ڊي سي ٺٽو عثمان تنوير چيو ته اسان پاڻ سرزمين جو جائزو وٺي قبضو خالي ڪرايو آھي ٻئي طرف پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ چيو ته پ پ پ ضلعي ٺٽي طرفان پڻ ان عمل جو نوٽيس وٺي سنڌ حڪومت سميت چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل کاتي جي صوبائي وزير کي پڻ آگاھي ڏني ويئي آھي، ھن چيو ته اسانجي قديمي ورثن تي ڪوبه قبضو برداشت نه ڪنداسين. جلد قبضاگيرن خلاف ڪاروائي ڪرائي ويندي. پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي پڻ ان عمل جي مذمت ڪندي سنڌ حڪومت کي آگاھي ڏيڻ سميت ضلعي انتظاميه کي فورن قبضو خالي ڪرائي قبضاگيرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جون ھدايتون ڏيئي ڇڏيون آھن. ھوڏانھن ٺٽي جي تاريخي ۽ قديم دور جي ٻن قُبن جي عمارت طور مشهور گجراتي اسڪول جي پلاٽ ۽ وڏي حصي تي غير مقامي بااثر پٺاڻن پاران قبضي واري معاملي کانپوء سڄاڻ ڌرين ۾ سخت ڳڻتي جي لهر ڇانئجي ويئي آھي. ٺٽي جي علمي ادبي ۽ ساڃاھ وند ڌرين سڀاڻي 12 وڳي ٺٽي ۾ پٺاڻ قبضاگيرن پاران تاريخي ماڳ تي قبضي خلاف احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.










