جوبائيڊن جي صدر عارف علوي کي يوم پاڪستان تي مبارڪباد

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جوبائيڊن صدر عارف علوي کي يوم پاڪستان تي مبارڪباد ڏني آهي. جوبائيڊن يوم پاڪستان جي موقعي تي صدر عارف علوي جي نالي خط لکيو جنهن ۾ هن پاڪستاني قوم کي يوم پاڪستان جي مبارڪباد پيش ڪئي.خط جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته پاڪستان آمريڪا پارٽنرشپ علاقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصد تي ٻڌل آهي. جوبائيڊن پنهنجي خط ۾ لکيو ته افغانستان ۾  امن جي قيام ۽ ڪورونا تي قابو ڪرڻ جي لاءِ تعاون جاري رکنداسين. ماحولياتي تبديلي ۽ گڏيل چيلنجز تي قابو ڪرڻ جي لاءِ تعاون جاري رهندو.آمريڪي صدر ان عزم جو ارادو ڪيو ته اسان پاڪستان سان گڏ ڀائيواري کي مستقبل ۾ مضبوط بنائينداسين. ياد رهي ته  سڄي ملڪ ۾ يوم پاڪستان اڄ  جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو