ڪورونا متاثر ملڪن مان مسافرن جي پاڪستان اچڻ تي پابندي

ڪورونا متاثر ملڪن مان مسافرن جي پاڪستان اچڻ تي پابندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪورونا سبب سخت متاثر ملڪن مان مسافرن جي پاڪستان اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.ڪورونا ايس او پيز جي معاملي تي سول ايوي ايشن اٿارٽي(سي اي اي( نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو 23 مارچ کان 5 اپريل تائين لاڳو هوندو. سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان جاري حڪم نامي موجب ڪيٽيگري ۾ شامل ملڪن_جن ۾ برازيل، ڪولمبيا، پيرو، گانا، تنزانيه ۽ زمبيا سميت ٻيا شامل آهن. انهن جي مسافرن تي پاڪستان جي سفر جي پابندي هوندي.حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيٽيگري اي ۾ شامل 20 ملڪن کي ڪورونا ٽيسٽ کان ڇوٽ هوندي. ڪيٽيگري اي ۾ آسٽريليا، ڀوٽان، چين، ميانمار، نيوزيلينڊ، سنگاپور، سعودي عرب ۽ ڏکڻ ڪوريا سميت ٻيا ملڪ شامل آهن.نوٽيفڪيشن موجب ڪيٽيگري بي ۾ شامل ملڪن جي مسافرن لاءِ پاڪستان اچڻ کان 72 ڪلاڪ اڳ ڪورونا ٽيسٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.سول ايوي ايشن جي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته برطانيه کي ڪيٽيگري سي مان ڪڍي ڪيٽيگري بي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ان لسٽ ۾ ٻيا ملڪ اڃان به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو