ڪتي ڏاڙهڻ جا واقعا، فريال ۽ ايسراڻي جي ميمبري معطل

سکر (بيورو  رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪُتن جَي ڏاڙهڻ وارن واقعن تي ٻن ايم پي ايز کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، رتوديرو ۽ ڄام شورو مان چونڊيل ايم پي ايز جِي اسيمبلي رُڪنيت معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. عدالت ڪُتن جَي ڏاڙهڻ وارن واقعن بابت درخواستن تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت اليڪشن ڪميشن سنڌ کي ايم پي ايز جَي اسيمبلي رُڪنيت معطل ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي کان به جواب طلب ڪيو ويو آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته عدالت بار بار چيو ته ڪُتن جَي ڏاڙهڻ وارن واقعن ۾ واڌ ڇرڪائيندڙ آهي، ايم پي اَيز عدالتي حڪمن باوجود ڪتا مار مهم جي نگراني نه ڪئي، پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر رتوديرو ۽ ايم پي اي گيانچند ايسراڻي ڄامشورو مان چونڊيل آهن، ڄامشورو ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب هڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي هئي، رتيديري جي وارث ڏنو ماڇي ۾ رولو ڪتن جي حملي ۾ معصوم ٻارڙي جي اک متاثر ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو