جسٽس عيسيٰ جي درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيو،حڪومت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس تي نظرثاني اپيلن جي ٻڌڻي سڌو سنئون نشر ڪرڻ بابت درخواست تي ريمارڪس ڏنا آهن ته وفاقي حڪومت نه ٻڌائي ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس تي نظرثاني اپيلن جي ٻڌڻي سڌو سنئون نشر ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان پنهنجي موقف ۾ چيو ته سڌو سنئون نشريات ميڊيا جو حق آهي ڪنهن ڌر جو نه آهي. ڪنهن ميڊيا هائوس عدالت ۾ سڌو سنئون نشريات جي درخواست ناهي ڏني. پارليامينٽ ۾ عمومي ۽ عدالت ۾ ٽيڪنيڪل بحث ٿيندي آهي. عدالتي ڪارروائي ۾ استعمال ٿيندڙ زبان عام فهم ناهي. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو انحصار پرڏيهي عدالتن جي فيصلي تي آهي. جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته اسان گلوبل وليج ۾ رهي رهيا آهيون. اسان کي دنيا سان گڏ هلڻو پوندو. سپريم ڪورٽ هن ملڪ جي عوام جي عدالت آهي.عدالتي ڪارروائي ۾ ڪجهه به ڳجهو ناهي هوندو. ٽيڪنالاجي جي مدد سان عدالت کي ڪيترن ئي معاملن ۾ آساني ٿيندي. وڊيو لنڪ تي ٻڌڻي به ٽيڪنالاجي جي بدولت ئي ٿيندي آهي. گوادر ۾ ويٺل شخص عدالتي ڪارروائي ڏسڻ چاهي ته ان کي ڪيئن روڪي سگهون ٿا؟ وڪيل يا جج ڪوبه بدتميزي ڪري ته عوام کي خبر هجڻ گهرجي.وفاقي حڪومت نه ٻڌائي ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي. سڌو سنئون نشريات عدالت جو اختيار آهي ان ۾ وفاقي حڪومت جو ڪم نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو