رياض(ويب ڊيسڪ)عرب ميڊيا جي مطابق سعودي عرب جي تيل جي زخيرن تي حملي کان پوءِ تيل جي قيمت ۾ زبردست اضافو ٿيو آهي ۽ برينٽ خام تيل جي مستقبل جي سودن ۾ 70 ڊالر في بيرل کان مٿي وڪرو ٿي چڪو آهي جيڪو ڪرونا وائرس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ وڏو واڌارو آهي.ميڊيا رپورٽن مطابق ، مئي ۾ ايشين مارڪيٽن ۾ برينٽ خام تيل جي قيمت 71.38 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي هئي ، جيڪو8 جنوري 2020 کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ آهي.ان کان علاوه ، سعودي تيل جي زخيرن تي حملي کانپوءِ آمريڪي خام تيل جي قيمت ٻن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.ميڊيا رپورٽن مطابق ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ خام تيل جي قيمت اپريل لاءِ 1.60 ڊالر وڌي وئي آهي ، جنهن کانپوءِ ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ خام تيل جي قيمت 67.98 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي آهي ، جيڪا آڪٽوبر 2018 کان سڀ کان وڌيڪ قيمت آهي.ياد رهي ته آچر تي حوثي باغين سعودي آرمڪو جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو تيل ٽرمينل آهي ان کي ڊرون ۽ ميزائلن سان تيل جي زخيرن کي نشانوبڻايو ويو حملي کي فوري طور تي ناڪام بڻايو ويو سعودي عرب جي جنهن تيل جي زخيرن کي نشانو بڻايو ويو اهي 6.5 ملين بيرل تيل جي برآمد ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا جيڪا تيل جي طلب جو 7 سيڪڙو آهي.










